جمن شاهه جَتيءَ جو مقبرو

جمن شاهه جَتيءَ جو مقبرو

جمن شاهه جَتيءَ جو مقبرو

جمن شاهه جَتيءَ جو مقبرو: مڪليءَ جي قبرستان ۾ شيخ جيئي جي مقبري جي اتر ۾ ٿوري ئي فاصلي تي ارغون دور (سورهين صدي عيسويءَ) جو اڏيل مقبرو جمن شاهه جتيءَ جو آهي. مقبرو سڄو پڪين سرن جو ماپ ۾ 7. 8 ميٽر چورس ٺهيل آهي. مقبري کي ڏکڻ ۾ پانيلن سان دروازو ۽ اتر ۽ ڏکڻ ۾ وڏيون دريون آهن. اولهه ۾ محراب آهي جيڪو اڌ اٺڪنڊي نموني ٺهيل آهي. هيٺان کان هن جو پيل پائو وڃي ٿو، جيڪو اصل ۾ ڪنڊ جو جوڙ آهن، جيڪي هر ڪنڊ تي ٺهيل آهن. هي ڪنڊ جوڙون مقبري کي اٺڪنڊو ڪن ٿيون، جن تي مٿي گنبذ ٺهيل هو، جيڪو هن وقت ڊٺل آهي. مقبري ۾ اندر هڪ ٿلهي تي قبر ٺهيل آهي جنهن کي چوڌاري ٻه ڏاڪا ڏنل آهن. قبر چئني پاسي اڪر جي شاندار ڪم سان سينگاريل آهي. نسخ خط ۾ عبارتون لکيل آهن. قبر جي ڊگهن پاسن کان قرآني آيتون اڪريل آهن. قبر جي مٿان ڪلاهه رکيل آهي. مقبرو پڪ سرائون آهي، پر انهن جو پلتر اگهڙي ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو